راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اعليٰ عدالتن ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا اڊيالا جيل ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عمران خان کي ڪرپٽ پريڪٽس تي 14 سال ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌئي وئي.
عدالت عمران خان تي 10 لک ۽ بشريٰ بي بي تي 5 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو، جڏهن ته القادر يونيورسٽي کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم پڻ ڏنو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر عمر ايوب پارليامينٽ هائوس ٻاهران ٻي پارٽي قيادت سان گڏ ڳالهائيندي چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سزا ڏيڻ واري فيصلي جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ ان فيصلي کي اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين.
عمر ايوب چيو سوال پڇڻ گهرجي نواز شريف جي پٽن حسن نواز کان ته ون هائيڊ پارڪ جهڙي عمارت لاءِ پئسا ڪيئن ٻاهر موڪليا ۽ پوءِ ٻيهر ڪيئن وڪرو ڪئي؟ اهي ماڻهو اڄ آزاد گھمي رهيا آهن.
ٻئي پاسي، سينيٽر شبلي فراز چيو اِها انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ چور آزاد آهن، پر معصوم ۽ ايماندار ماڻهو جيڪي القادر يونيورسٽي جهڙو ادارو ٺاهي رهيا آهن، انهن کي سزا ڏني وڃي ٿي.
هن چيو ته القادر ٽرسٽ يونيورسٽي ڪيس ۾ حڪومت کي هڪ پئسي جو به نقصان نه ٿيو ۽ نه ئي عمران خان يا بشريٰ بي بي جي اڪائونٽ ۾ ڪا رقم وئي.
سندس چوڻ هو ته نيت به ٺيڪ هئي ۽ مقصد به پر هن ملڪ ۾ اهو رواج بڻايو پيو وڃي ته جيڪو شخص شوڪت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جهڙا ادارا ٺاهي ٿو، ان کي القادر يونيورسٽي ٺاهي نوجوانن کي سيرت النبي صلعم پڙهائڻ تي سزا ڏني وڃي ٿي.
You might also like