ناليواري ليکڪ ۽ صحافي پروفيسر بيدار جعفري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن فوت ٿي ويل سنڌ جي ناليواري ليکڪ، سينيئر صحافي ۽ اديب پروفيسر بيدار جعفري جي پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

مرحوم جو تڏو پپري ۾ وڇايو ويو آهي جتي سندس پونئرن سان صحافين، سياسي سماجي ڌرين، مذهبي اڳواڻن سميت هر مڪتب فڪر جي ماڻهن پاران تعزيت ڪئي پئي وڃي.

عوامي آواز جي سٿ راجا سنديلو، علي وقاص سنديلو، شاهه رخ سنديلو، عديل ڀُٽو ۽ فرقان همداني مرحوم جي تڏي تي پهچي سندس پُٽ موسيٰ ڪاظم سان پيءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

صحافين جو چوڻ هو ته بيدار صاحب جو وڇوڙو سنڌ جي ادب، صحافت ۽ تعليم لاءِ وڏو نقصان آهي، بيداري جعفري ننڍن توڙي وڏن لاءِ هڪ جهڙو ۽ مهربان ماڻهو هوندو هو، اهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن.

هنن چيو ته مذهبي عالم بيدار جعفري صاحب جون صحافت، ادب ۽ تعليم لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن، هن جو سڀني سان پنهنجائپ ۽ وڏائپ وارو رشتو هو.

سينيئر صحافي ۽ استاد جي مغفرت لاءِ دعا ڪندي هنن چيو ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.