لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ميان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته ڇو نٿا چون ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ڇڏائڻ لاءِ عالمي قوتن جو دٻاءُ آهي، پر جيڪڏهن دٻاءُ ۾ ڪجهه ڪيو ويو ته قوم ان جو مقابلو ڪندي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران جاويد لطيف چيو ته جڏهن پاڪستان ۾ مارشل لا لڳندو آهي ته ڪنهن کي جهموريت ياد ناهي ايندي، اڄوڪي ڏينهن تي هڪ قومي اڳواڻ شهيد ٿي تڏهن، ڪنهن کي انساني حق ياد نه آيا.
هن وڌيڪ چيو ته اسان خيرات ۾ زندگي نٿا چاهيون، اسان کي غيرت سان موت پسند آهي، اسان ايٽمي طاقت آهيون، اسان عالمي قوتن جي دٻاءُ ۾ نه اينداسين، جيڪڏهن ڪو ڊڪٽيشن ڏيندو ته اسين سڀ هڪ جهڙا ٿي وينداسين، ڊالرن جي بدلي ۾ اسان کي ڪوبه بي غيرتي نه ٿو سيکاري سگھي، اسان ڦاهي چڙهي وينداسين پر پنهنجي عزت جو سودو نه ڪنداسين.
جاويد لطيف چيو ته ڇو نٿا چون ٿا ته عمران خان کي ڇڏائڻ لاءِ دٻاءُ آهي، عالمي قوتون عمران خان کان ڪهڙو ڪم وٺڻ چاهين ٿيون ؟ اسان سياسي محاذ تي ورهائجي وينداسين پر قومي غيرت تي ڇڙوڇڙ نه ٿينداسين، جيڪڏهن دٻاءُ ۾ ڪجهه ڪيو ويو ته قوم مقابلو ڪندي.
هن چيو ته بغاوت ڪندڙ کي ڇڏڻ، سائيڪل چور کي لٽڪائڻ سان رياستون ناهي هلنديون، ڪارڪنن کي سزا ڏيڻ ۽ ماسٽر مائينڊ جو ڪيس لٽڪائڻ سان ڳالهه نه ٺهندي، سول نافرماني 9 ۽ 10 مئي کان وڏو جرم آهي.
ليگي اڳواڻ چيو ته جنرل فيض حميد هائوسنگ سوسائٽي جي ڪري گرفتار نه ٿيو آهي، قوم کي فيض حميد جي گرفتاري جو اصل سبب ٻڌائڻ گهرجي.
هن چيو ته فيض حميد ادارن ۾ بغاوت جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي، اهڙي بغاوت جي سازش جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿئي ها ته اُتي اُهو ماڻهو گولي سان اڏائي وڃي ها.
عمران کي ڇڏائڻ لاءِ عالمي دٻاءُ آهي، ڊالرن جي بدلي اسان کان بي غيرتي نه ٿيندي: جاويد لطيف
Prev Post
Next Post
You might also like