ماهرن جي اهم ايجاد جيڪا اي سيءَ جو انت آڻي ڇڏيندي

دنيا ۾ هر گذرندڙ سال سان گرميءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هيٽ ويوز جا واقعا وڌندا پيا وڃن.
اونهاري ۾ ايئر ڪنڊيشنر (اي سي) کانسواءِ گذارو ڪرڻ مشڪل محسوس ٿئي ٿو، پر گهڻن هنڌن تي بجلي جي لوڊ شيڊنگ، ايئر ڪنڊيشنر جي غير موجودگي يا مالي وسيلن جي کوٽ ان ٿڌي مشين جو استعمال ممڪن ناهي هوندو.
چين جي سائنسدانن ايئر ڪنڊيشنر جي متبادل طور هڪ انوکي سن اسڪرين تيار ڪئي آهي جيڪا نه رڳو سج جي هاڃيڪار الٽرا وائلٽ شعاعن کان چمڙيءَ کي تحفظ فراهم ڪري ٿي، پر اها ايئر ڪنڊيشنر وانگر ڪم به ڪري ٿي.
هي سن اسڪرين اوهان جي جسماني گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻيندي جنهن سان گرمي جي بدران ٿڌ جو احساس ٿيندو آهي.
بيجنگ جي تسِنگوئا يونيورسٽي جي ماهرن اِها پروٽوٽائپ سن اسڪرين تيار ڪئي آهي جنهن جي استعمال سان جسماني گرمي پد ۾ 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
جڏهن ايتر قدر ٿڌ جو احساس ٿيندو ته ايئر ڪنڊيشنر جي ضرورت نه پوندي ۽ سولائيءَ سان بجلي جي بچت پڻ ٿيندي.
ان حوالي سان هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پروٽوٽائپ سن اسڪرين جا نتيجا اتساهيندڙ آهن، خاص طور تي جڏهن هر سال اونهاري ۾ گرمي پد مسلسل وڌي رهيو آهي.
هي سن اسڪرين انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڪارائتي ثابت ٿيندي جيڪي گهڻو وقت ٻاهر گذاريندا آهن.
واٽر پروف هجڻ سبب، هي سن اسڪرين چمڙي تي وڌيڪ وقت تائين برقرار رهندي آهي، جنهن سان گرمي جو احساس گهٽ ٿئي ٿو ۽ سج جي الٽرا وائلٽ شعاعن کان پڻ تحفظ ملندو آهي.
ريڊي ايٽيئو ڪولنگ هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جنهن ۾ گرمي کي منعڪس يا خارج ڪري شيون ٿڌيون ڪيون وڃن ٿيون.
هن ٽيڪنالاجي کي انوکي مواد جي تياري ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن عمارتن تي ڪوٽنگ ڪري انهن کي ٿڌو رکيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.