غزا (ويب ڊيسڪ) خميس جي صبح اسرائيل طرفان غزا ۾ مختلف حملن ۾ 5 صحافين سميت 10 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب غزا جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته نصيرات ڪيمپ ۾ اسرائيلي حملي ۾ العوده اسپتال ڀرسان صحافين جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 صحافي شهيد ٿي ويا، جيڪي القدس اليوم ٽيلي ويزن سان سلهاڙيل هئا.
فلسطيني ميڊيا موجب متاثر گاڏي تي ميڊيا لکيل هو ۽ گاڏي نصيرات ڪيمپ ۽ اسپتال ۾ رپورٽنگ لاءِ صحافين جي استعمال هيٺ هئي.
اسرائيل ٻي ڪارروائي غزا سٽي جي زيتون جي علائقي ۾ ڪئي، جنهن ۾ غزا جي صحت واري وزارت موجب 5 ڄڻا شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا.
اختيارين موجب ڪيترائي ماڻهو ملبي ۾ دٻيل آهن، جنهن سبب وڌيڪ ماڻهن جي مارجڻ جو خدشو آهي.
You might also like