راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ پنهنجي ڪيسن جو مقابلو ڪري پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندو ۽ پوءِ ٻاهر نڪرندو.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته مان هائوس اريسٽ ۾ نه ويندس، سڀ قيدي آزاد ڪيا وڃن، جيڪڏهن مون کي جيل ۾ رکڻو آهي ته رکيو وڃي.
سندس موجب باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته ملڪي معيشت لاءِ ٽي شيون اهم آهن، قانون جي حڪمراني، سياسي استحڪام ۽ امن ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ ضروري آهن.
You might also like