پڙهائي ڇڏي فحش فلمون ڀريندڙ زارا ڊار جي وڊيو ۽ ٽوئيٽ!

پي ايڇ ڊي ڇڏڻ کان پوءِ فحش ويب سائيٽ لاءِ ايڊلٽ ڪانٽينٽ ڪريئيٽر بڻجڻ واري زارا ڊار پنهنجي ڪمائي بابت انڪشاف ڪيو آهي.

يوٽيوبَر زارا ڊار، جيڪا عورتن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ڪندي هئي، پي ايچ ڊي ڇڏي ايڊلٽ ڪانٽينٽ ڪريئيٽر بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سبب اها سوشل ميڊيا سميت پرڏيهي ميڊيا ۾ پڻ مشهور ٿي رهي آهي.

زارا هن وڏي قدم بابت مداحن طرفان سوال پڇڻ تي يوٽيوب ويڊيو ۾ ان فيصلي کي وضاحت سان بيان ڪيو. زارا جو چوڻ آهي ته هي هڪ ڏکيو پر سوچيل سمجھيل قدم آهي.

ويڊيو ۾ زارا چيو ته بالغ مواد ٺاهڻ کي مستقل پيشو بڻائڻ ان لاءِ نه رڳو هڪ ڪيريئر چونڊ آهي، پر زندگي جي مستقبل لاءِ هڪ رستو پڻ آهي.

يوٽيوب چينل تي هڪ لک کان وڌيڪ سبسڪرائبرز رکڻ واري زارا اڳ ۾ مشين لرننگ ۽ نيورل نيٽ ورڪ جهڙن موضوعن تي ويڊيوز ٺاهيندي هئي. هن ٻڌايو ته پي ايچ ڊي ڇڏڻ جو فيصلو ڪرڻ وقت هن اڪيڊمڪ ڪيريئر جي فائدن ۽ متبادل رستن تي غور ڪيو، پر ان کي محسوس ٿيو ته اڪيڊمڪ دنيا ان جي اميدن مطابق ناهي جنهن کان پوءِ رڳو ايڊلٽ ڪانٽينٽ ڪريئيٽر بڻجڻ جو فيصلو ڪرڻ سولو بڻيو.

 هن وڌيڪ چيو ته اڪيڊمڪ يا انڊسٽري جي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو ٻين جي خوابن کي پورا ڪن ٿا، پر انهن کي پاڻ کي مناسب سڃاڻپ نٿي ملي. زارا جو چوڻ آهي ته ان کي اهڙي ڪم ۾ دلچسپي آهي جيڪو ان جي پنهنجي دلچسپين سان مطابقت رکي، بجاءِ ان جي ڪنهن اداري يا ڪمپني جي ويزن تي ڪم ڪرڻ.

زارا پنهنجي ويڊيو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هن اهڙي ڪم مان 10 لک ڊالر ڪمايا آهن جنهن سان هن پنهنجي خاندان جي گهر جو قرض ادا ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي گاڏي به خريد ڪئي. هن چيو ته اها آزادي کيس اڪيڊمڪ دنيا يا ڪارپوريٽ نوڪري ۾ نٿي ملي سگهي.

پي ايچ ڊي جي تعليم ڇڏي فحش ڪانٽينٽ ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ واري يوٽيوبَر زارا ڊار تمام تيزي سان شهرت حاصل ڪري رهي آهي، مداح ان بابت ڄاڻڻ لاءِ بيچين آهن.

زارا ڊار جو فحش ڪانٽينٽ ٺاهڻ جو بيان وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته ان جو تعلق پاڪستان سان آهي، جڏهن ته زارا ڊار پاڻ ان معاملي جي وضاحت جاري ڪئي آهي.

زارا ٽويٽ ڪندي چيو آهي ته "جڏهن کان مون هي ويڊيو ٺاهيو آهي ته مون ‘اونلي فين’ تي ڪم ڪرڻ لاءِ پي ايچ ڊي ڇڏي ڏني آهي، انکانپوءِ مان ڪيترين اهڙين پوسٽن ۾ شامل ٿي آهيان جنهن ۾ منهنجي متعلق غلط ڄاڻ پکيڙي پئي وڃي.

يوٽيوبَر وڌيڪ لکيو آهي ته "مون ان معاملي تي ڪنهن کي انٽرويو ناهي ڏنو، پر ڪجهه حقيقتون توهان اڳيان رکڻ چاهيان ٿي. منهنجو نالو ڊارسي آهي ۽ مون ان کي مختصر ڪري ڊارز/ ڊار رکيو آهي.”

زارا ان افواهن کي پڻ رد ڪيو آهي ته هو پاڪستاني آهي، هن لکيو آهي ته "مان احترام سان عرض ڪرڻ چاهيان ٿي ته مان پاڪستاني ناهيان، مان آمريڪي آهيان ۽ هتي وڏي ٿي آهيان، منهنجي خانداني پس منظر ۾ آمريڪي، ايراني، يورپي، مشرقي وچ اوڀر ۽ هندي نسل شامل آهن.”

وائرل ٿيڻ واري يوٽيوبَر ساڻس جڙيل سموري پروڊڪٽس، جعلي اڪاؤنٽن ۽ ڊيپ فڪ ويڊيوز کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجو واحد آفيسل ‘ايڪس’ اڪائونٽ شيئر ڪيو.

ياد رهي ته يوٽيوبَر زارا ڊار اڳ ۾ تعليمي ميدان ۽ مثبت مواد تي ٻڌل ويڊيوز ٺاهيندي هئي، پر تازو ئي هن پنهنجي پي ايچ ڊي جي تعليم ڇڏي فحش ۽ بالغانه مواد لاءِ مشهور پليٽ فارم "اونلي فين” تي ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.