ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ اچي کيڏي ها ته سٺي مهمان نوازي ڪيون ٿا.
شاهين آفريدي قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هي سال پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ سٺيو رهيو، ڏکڻ آفريقا کي وائيٽ واش شڪست ڏيڻ تاريخي ڪاميابي آهي.
هن چيو ته مان پاڪستان لاءِ کيڏندو آهيان، گرين جرسي پائڻ مون لاءِ اعزاز آهي، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اسان سٺي تياري ڪئي آهي، ان کان اڳ ٽي ملڪي سيريز به ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان ۾ اچي کيڏي ها ته سٺي مهمان نوازي ڪيون ها پر ڀارتي ٽيم جتي به کيڏي اسان مقابلي لاءِ تيار آهيون.
Prev Post
You might also like