فُل ايڪشن منظر،”ٽائيگر جناب ۽ ڪرش“ پهريون ڀيرو گڏجي ميدان ملهائيندا!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ ستارن ۾ هڪٻئي کان هِٽ فلمون ڏيڻ جو مقابلو ته عام ڳالهه آهي پر اهڙي ڊوڙ سون مان ڪجهه نالا ئي هوندا آهن جيڪي مداحن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهندا آهن، ڀارتي ايڪشن فلمن ۾ هونئن ته ڪيتريون ئي فلمون آهن جيڪي ڏسندڙن لاءِ پنهنجي پسند جي اداڪار تي فخر جو سبب بڻجن ٿيون پر ريتڪ روشن جي ڪرش سيريز فلم ۽ سلمان خان وانٽيڊ، دبنگ توڙي ٽائيگر اهڙيون ايڪشن فلمون آهن جن جو مقام ڀارتي فلم انڊسٽري لاءِ سدائين لاءِ قائم رهندو.

باليووڊ ستارن جي اهڙي ايڪشنز کي نظر ۾ رکندي انهن کي مختلف ڪمپنيون پنهنجي ايڊز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به گهرائينديون رهنديون آهن جيڪي پڻ وڏي مشهوري جو سبب بڻجن ٿا.

اهڙي ئي ضرورت محسوس ڪندي علي عباس ظفر جي هدايتڪاري ۾ پهريون ڀيرو باليووڊ جي ڀائي جان سلمان خان ۽ ايڪشن اداڪار ريتڪ روشن کي فُل ايڪشن ڏيکارڻ لاءِ پهريون ڀيرو گڏ آندو پيو وڃي.

هي پروجيڪٽ شاندار هنڌن تي مختلف اسٽائلش انداز ۾ پروموٽ ڪندي ڏيکاريو ويندو جنهن ۾ ٽائيگر جناب ۽ ريتڪ روشن جو گڏيل ڪم ۽ طاقتور ڪارڪردگي سندن مداحن لاءِ فخر جو سبب بڻجڻ سان گڏ ٻنهي ڄڻن کي گڏائيندڙ جو پڻ وڏو فائدو ٿيندو.

ان خاص اشتهار واري پروجيڪٽ ۾ سلمان خان ۽ ريتڪ روشن جي موجودگي اعتماد ۽ معيار جي علامت هوندي جيڪو ڏسندڙن لاءِ تفريح جو پڻ سبب بڻبو، چيو پيو وڃي ته اهڙو جوڙ اشتهار ۾ موجود برانڊ لاءِ پڻ تاريخي ڪاميابي ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.