ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارگو جهاز جي انجڻ ۾ اڏام ڀريندي ئي ڌماڪو، هنگامي لينڊنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مال بردار جهاز رياض لاءِ جيئن ئي اڏام ڀري ته ڌماڪو ٿي پيو ۽ اوچتو جهاز جي انجڻ بند ٿي وئي، جنهن سبب ان کي ايمرجنسي لينڊنگ ڪرڻي پئي.
ايوي ايشن ذريعن موجب ڌماڪي کانپوءِ ڪارگو جهاز جي انجڻ بند ٿي وئي، جهاز جيئن ئي ڪراچي ايئرپورٽ تان اڏام ڀري ته ڌماڪي جي شدت ايتري ته هئي جو ماڻهن زمين تي آواز ٻڌو.
پائلٽ فوري طور تي ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪيو ۽ لينڊ ڪرڻ جي اجازت طلب ڪئي، جنهن دوران جهاز کي واڌو ٻارڻ ضايع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ڪارگو جهاز سمنڊ ۾ ڪيترائي چڪر لڳائي واڌو ٻارڻ خارج ڪيو ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي محفوظ ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي، جهاز ۽ عملو محفوظ رهيو.
متاثر جهاز 4 انجڻيون رکندڙ بوئنگ 47 هو، جنهن هڪ انجڻ بند ڪري حفاظت سان ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي.
اهو جهاز ڪراچي کان سعودي عرب جي شهر رياض وڃڻو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.