نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ نوجوان پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ کي چاقو جا وار ڪري بيرحمي سان سان قتل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جوابدار ارجن جي هڪ اڳوڻي استاد ٻڌايو ته نوجوان ۽ سندس پيءُ جي وچ ۾ ڪا به منهن ماري نه هئي، پاڙيسرين جو چوڻ هو ته ارجن شرميلو ڇوڪرو هو جيڪو جم به ويندو هو ۽ باڪسنگ به ڪندو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعي جا تفصيل پوليس جي جاچ ۾ سامهون آيا آهن، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته واقعي کان اڳ ارجن پنهنجي موبائل فون تي قتل ۽ زهر ڏيڻ جهڙيون شيون ڏسندو هو.
جاچ موجب ارجن اڳ ۾ پنهنجي ڀيڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي ڀيڻ جي وات تي هٿ رکي سندس ڳلو ڪپي ڇڏيو، انکانپوءِ هن پنهنجي ماءُ پيءُ کي چاقو جار واري ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس قتل ۾ استعمال ٿيل چاقو هٿ ڪري ورتو آهي، جيڪو ارجن جي پيءُ کي فوج ۾ ملازمت دوران مليو هو.