ٽريفڪ پوليس ۾ کدڙن فقيرن جون ڀرتيون شروع

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي حيدرآباد ۾ چيف منسٽر جي حڪمن کانپوءِ کدڙن فقيرن کي سماج ۾ سڃاڻپ ۽ احترام فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ خاص قدم تحت انهن جون حيدرآباد ٽريفڪ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ٽريفڪ اسسٽنٽ طور ڀرتيون شروع ڪيون ويون آهن.
ٽريفڪ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ اميدوارن جي عمر 18 کان 40 سالن جي وچ ۾ هجڻ گهرجي، انهن جو ڀارتي شهري هجڻ لازمي آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ايس ايس سي پاس هجڻ گهرجي، لاڳاپيل ضلعي ميجسٽريٽ کان جاري ڪيل ذاتي سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ گهرجي.
ان کانسواءِ اميدوار حيدرآباد ڪمشنريٽ جي حدن جو مقامي شهري هجي، گهٽ ۾ گهٽ قد 165 سينٽي ميٽر هجڻ گهرجي، اميدوارن لاءِ 800 ميٽر ڊوڙ، لانگ جمپ ۽ شاٽ پٽ جهڙيون جسماني ٽيسٽون ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.