اسٽاڪ ايڪسينچ ۾ تيزي جاري، 100 انڊيڪس جو وڏو ٽپو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو جاري آهي، جتي اڄ به 100 انڊيڪس ۾ واڌ ڏٺي وئي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن جي شروعات هڪ لک 5 هزار 104 پوائنٽن سان ٿي، پڄاڻي تي 100 انڊيڪس مجموعي طور 3 هزار 134 پوائنٽون واڌ سان هڪ لک 8 هزار 238 پوائنٽن تي بند ٿيو.
اڄ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس نئين بلند ترين سطح هڪ لک 8 هزار 345 پوائنٽون ٺاهي، بازار ۾ اڄ 1.64 ارب شيئرز جا سودا 63 اربن ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 388 ارب رپيا واڌ سان 13 هزار 745 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.