آسٽريليا لاءِ ڪيئي سينچريون هڻندڙ اوپنر اٽلي جو ڪپتان بڻجي ويو

روم (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو آسٽريلوي اوپنر جوءِ برنز کي اٽلي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
برسبين ۾ جنم وٺندڙ جوءِ برنز 2014 آسٽريليا لاءِ ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو ۽ ڊسمبر 2020 تائين ڪينگروز جي نمائندگي ڪندي 23 ٽيسٽ ميچن جي 40 اننگز ۾ 1442 رنسون ٺاهيون.
جوءِ برنز ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ آسٽريليا طرفان چار سينچريون ۽ ست ففٽيون اسڪور ڪيون، هن ڇهن هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ ڪينگروز جي نمائندگي ڪئي.
جوءِ برنز آسٽريلوي ٽيم کي الوداع چئي هلندڙ سال مئي ۾ اٽلي جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿيو ۽ جون ۾ اٽليءَ لاءِ پهرين ٽي ٽوئنٽي کيڏي.
جوءِ برنز هينئر تائين پنج ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ اٽلي جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هن مجموعي طور تي 211 رنسون ٺاهيون آهن.
شاندار ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي جوءِ برنز کي هاڻي اٽلي جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
جوءِ برنز پنهنجي بيان ۾ چيو ته اٽلي جي ڪپتاني ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آهي، ٽيم ۾ زبردست صلاحيتون موجود آهن ۽ هو اٽلي ڪرڪيٽ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ تي پرجوش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.