تاج محل کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر آگرا ۾ ٺهيل تاريخي عمارت تاج محل کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش سياحت جي علائقائي آفيس کي هڪ اي ميل وصول ٿي، جنهن ۾ تاج محل کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي پر پوليس ان ڌمڪي کي ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽ موجب ڌمڪي جي اطلاع تي بم ڊسپوزل يونٽ، ڊاگ اسڪواڊ ۽ ٻين سيڪيورٽي ٽيمن کي محترڪ ڪيو ويو پر تلاشي دوران ڪا شڪي شئي برآمد نه ٿي.
تاج محل جي سيڪيورٽي انچارج سيد اريب احمد موجب اتر پرديش سياحت جي آفيس کي هڪ اي ميل وصول ٿي، جنهن ۾ تاج محل کي اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي پر اي ميل موجب ڪجهه نه مليو ۽ معائني کانپوءِ ڌمڪي کي ڪوڙ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.