ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊووڪيٽ علي پلهه پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي ۽ ڪور ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ ايڊووڪيٽ علي پلهه چيو ته مان ذاتي مصروفيتن سبب اهو فيصلو ڪيو آهي، استعيفيٰ چيئرمين بيرسٽر گوهر کي موڪلي ڇڏي آهي.
هن چيو ته مان جنهن عهدي تي هيس، ان حساب سان پارٽي کي وقت نه پئي ڏئي سگهيس، هاڻ پارٽي جو ڪو ٻيو ورڪر ان عهدي ۽ ذميواري سان مون کي وڌيڪ بهتر طريقي سان انصاف ڪري سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته مون کي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ ٻين پارٽي عهديدارن ۽ ورڪرن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو.
You might also like