ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڌڙ کان جڙيل ٻن ٻارڙين جي ڪامياب سرجري ڪئي وئي.
ڌڙ کان جڙيل نوشهرو فيروز جي ٻن ڀينرن جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايڇ) ڪراچي ۾ ڪامياب سرجري ٿي.
ان حوالي سان اين آءِ سي ايڇ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ناصر ٻڌايو ته 4 ڪلاڪن تائين جاري سرجري ۾ 4 ماهر سرجنز حصو ورتو، الله جو شڪر آهي ته ٻنهي ٻارڙين جي سرجري ڪامياب ٿي ۽ ٻنهي جي حالت ٺيڪ آهي.
هن ٻڌايو ته سرجري جا سمورا خرچ اسپتال انتظاميا برداشت ڪيا.
Next Post
You might also like