اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته گنڊاپور جو جيمز بانڊ جيان فرار ٿيڻ ڊرامي بازي آهي.
پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ باني کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ ممڪن آهي، پي ٽي آءِ باني کي پاڻ بچائڻو آهي ته بي بي مان جان ڇڏائڻي پوندي، جيستائين بي بي جي پهچ ناهي خان محفوظ آهي.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ نه پيو لڳي، جڏهن ته پي ٽي آءِ هاڻ ڪيترن ئي مهينن تائين احتجاج نه ڪندي.
Prev Post
You might also like