بالغ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پسند پرڻو ڪري سگهن ٿا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پسند پرڻو ڪندڙ 3 جوڙن جي ڪيسن جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بالغ ڇوڪرو يا ڇوڪري پسند پرڻو ڪري سگهن ٿا، والدين ان معاملي تي ٻارن کي هراسان ۽ تشدد نٿا ڪري سگهن.
عدالت پوليس ۽ انتظاميا کي پسند پرڻو ڪندڙ جوڙن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين ۾ ڇوڪريءَ جي عمر جو تڪرار آهي ته ان کي لاڳاپيل عدالت ۾ حل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.