گوگل ميپ استعمال ڪندڙ خبردار ٿين! ٽي ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا!

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۽ ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ اڄڪلهه وڏي پيماني تي گوگل ميپ استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪو يقينن واهپيدارن لاءِ گهڻيون سهولتون مهيا ڪري ٿو، پر تازو پيش هڪ واقعي گوگل ميپ خلاف سڄي دنيا ۾ انتهائي اهم سوال اٿاري ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ انجي استعمال ڪندڙن کي به انتهائي احتياط ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.

واقعي کانپوءِ اها ڳالهه ته پَڪي ٿي وئي ته گوگل ميپ ايڏي وڏي حساس غلطي ڪري سگهي ٿو جنهن جي ڪري يا ته ماڻهو سهولت بدران تڪليف ۾ پئجي وڃي يا وري کيس حياتي تان ئي هٿ کڻڻو پئجي وڃي.

ڀارتي رياست اٿر پرديش جي هڪ شهر بريلي ۾ هڪ ڪار حادثو پيش آهي جنهن ۾ ٽي نوجوان موت جو شڪار بڻجي ويا آهن. واقعي ۾ نوجوانن جي لاپرواهي به انهن جون حياتيون وڃائڻ جو سبب بڻي پر گوگل ميپ جي ذميواري کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

حادثي جو شڪار ٽي نوجوان فريد پور ۾ ڪنهن عزيز جي شادي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا، انهن کي فريد پور وڃڻ لاءِ سولي ۽ ويجهي رستي جي خبر نه هئي ۽ انهن گوگل ميپ جو استعمال ڪيو ۽ ان جي ٻڌايل واٽ تي هلندا رهيا، جڏهن اهي بريلي جي علائقي فريدپور ۾ ئي کالپور ڳوٺ جي ويجهو رام گنگا نالي پُل تي پهتا ته اتان هيٺ ڪري پيا.

اصل ۾ اها پُل نئين تعمير ٿي رهي هئي ۽ ان جو اڃا اڌ ڪم ئي مڪمل ٿيو هو، گوگل ميپ تي اهو رستو کليل ڏسندي نوجوان مطمئن طور تيزيءَ سان پُل تي چڙهيا ۽ اڌ پُل تي پهچڻ کانپوءِ اهو ڏٺو ته اڳيان رستو آهي ئي نه، پر جنهن وقت کين سمجهه آئي هوندي ته ان وقت گهڻي دير چُڪي هئي.

حادثي واري هنڌ پهتل علائقي واسين پڻ پوليس کي اهو ٻڌايو آهي ته فوري طور تي پهتاسين نوجوان ته فوت ٿي چڪا هئا، ٽنهي نوجوانن جي موبائل ۾ گوگل ميپ آن ٿيل هو.

علائقي واسين پوليس کي اهو به ٻڌايو ته نئين ٺهندڙ پُل تي شروعاتي رستي کان ڪا به رنڊڪ ناهي، نه ئي ڪو سائين بورڊ لڳل آهي جنهن مان خبر پئي ته اڳيان رستو ناهي، ان سان گڏ ڪوهيڙو هجڻ ڪري پُل جي حد ختم ٿيڻ جي خبر نه پوڻ جي ڪري نوجوانن جو موت ٿيو هوندو.

ٽنهي نوجوانن جي وارثن پاران واقعي جو ڪيس پُل ٺاهيندڙ اختيارين جي چئن ڄڻن سان گڏ گوگل جي مينيجر سميت ملازمن تي داخل ڪرڻ جي فرياد ڪئي وئي آهي.

پيش آيل حادثي کانپوءِ نوجوانن جي لاپرواهي کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي پر جيڪڏهن ڪوهيڙ جي موسم جو اندازو لڳائجي ته نوجوانن تي ڪنهن به قسم جي لاپرواهي لاڳو نٿي ڪري سگهجي، سڀ کان پهرين پُل ٺاهيندڙ اختياريون حادثي جو ذميوار ٿي سگهن ٿيون جن پُل جي اڳيان ڪي رڪاوٽو ناهن ڏنيون نه ئي ڪو اهڙو سائين بورڊ ڇڏيو آهي جنهن ۾ ظاهر ٿيل هجي ته پُل جو ڪم اڃا مڪمل ناهي ٿي سگهي.

ان سان گڏ گوگل ميپ جي غفلت کي به ڪهڙي به حوالي سان نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ڇو ته اتان جي علائقي واسين مختلف موبائل فونز تي گوگل ايپ استعمال ڪري ڏٺو جنهن ۾ اهو ساڳئي ئي پُل وارو رستو مڪمل طور صاف ۽ ڪليئر هجڻ جو ڏيکاريل هو.

حادثي کانپوءِ ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گوگل ميپ جي سمجهه محدود ٿي سگهي ٿي ان ڳالهه مڪمل طور ان تي ڀاڙڻ کان ٿورو احتياط ڪجي، ان سان گڏ اهو واقعو گوگل ميپ جي اختيارين لاءِ به هڪ سبق آهي جنهن کانپوءِ اهي ڪنهن به اهڙي واقعي کان بچڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري اهڙي تعميراتي ڪمن جي سڌ لهن ته بهتر رهندو.

اهو حادثو ستاويهه نومبر تي پيش آيو آهي، پوليس گوگل ميپ اختيارين سان به رابطو ڪري چُڪي آهي ۽ اهي مڪمل طور پوليس سان رابطي ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.