ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪار سورج پنچولي جي ماءُ اداڪارا زرينا وهاب 11 ورهين بعد جيا خان جي آپگهات بابت ڇرڪائيندڙ دعويٰ ڪئي آهي.
ڪيئي سپر هٽ فلمن ۾مددگار اداڪار طور ڪم ڪندڙ ڪم ڪندڙ اداڪارا جيا خان 3 جون 2013ع تي آپگهات ڪيو هو ۽ سندس لاش ممبئيءَ جي علائقي جوهو ۾ سندس رهائشگاهه مان هٿ آيو هو.
ممبئي جي عدالت جيا خان جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اداڪارا جي بواءِ فرينڊ اداڪار سورج پنچوليءَ کي 28 اپريل 2023 تي بري ڪري ڇڏيو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن ( سي بي آ ) جي خاص عدالت جيا خان جي بواءِ فرينڊ سورج پنچولي خلاف اداڪارا کي آپگهات تي ورغلائڻ واري معاملي تي پنهنجو محفوظ فيصلو ٻڌائيندي کيس بري ڪري ڇڏيو.
هاڻي هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا زرينا وهاب پٽ جي اڳوڻي گرل فرينڊ جي آپگهات واري واقعي بابت حيران ڪندڙ دعويٰ ڪئي آهي.
اداڪارا چيو ته ” جيا خان سندس پٽ سان لاڳاپا قائم ٿيڻ کان اڳ به 4 کان 5 ڀيرا آپگهات جي ڪوشش ڪري چڪي هئي، پر نصيب اهڙو هو جو جڏهن سندس پٽ جو وارو آيو ته هن آپگهات ڪري ڇڏيو. “
پٽ جي ڪيس ۾ نامزد ۽ سندس ڪيريئر خراب ٿيڻ بابت زرينا وهاب چيو ته ” هو سڀ هڪ بُري وقت مان گذريا پر هوءَ هڪ شئي يقين رکي ٿي ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي زندگي ڪوڙ جي بنياد تي خراب ڪندئو ته مڪافاتِ عمل ٿيندو آهي ۽ اوهان تي اِهو قرض رهندو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” هنن انتظار ڪيو، سورج جي بيگناهي ثابت ٿيڻ لاءِ ڏهه سال لڳي ويا پر سندس ڪيريئر برباد ٿي ويو، هو خوش آهن جو پٽ هاڻي آزاد آهي، هوءَ( جيا ) ڇا ڪندي هئي سڀ ڄاڻن ٿا.
You might also like