روس آمريڪا کي جاپان ۾ پنهنجا ميزائل نصب ڪرڻ کان خبردار ڪري ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هو جاپان ۾ پنهنجا ميزائل نصب نه ڪري، ڇو ته ان سان ملڪي سلامتي جو خطرو ٿيو ته ماسڪو جوابي ڪارروائي به ڪري سگهي ٿو.
روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا جاپان تي الزام هنيو ته هو آمريڪا سان گڏجي فوجي لاڳاپا وڌائڻ جو جواز پيش ڪري تائيوان جي ڀرپاسي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻائي رهيو آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا جاپان کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪي ميزائل ان جي سرزمين تي نصب ڪيا ويا ته اهو اسان جي سلامتي لاءِ خطرو سمجهيو ويندو ۽ اسان پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري ۽ مناسب قدم کڻڻ تي مجبور ٿينداسين.
هن چيو جاپان کي روس جي تازي جوهري نظريي کي پڙهي اندازو لڳائڻ گهرجي ته اهڙا ڪهڙا قدم هوندا، جن تحت ماسڪو جوهري هٿيارن جي استعمال تي غور ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.