اسٽيبلشمينٽ کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق ناهي، بنيادي مسئلو ووٽ جي چوري آهي: فضل الرحمان

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو ووٽ جي چوري سبب ٿيو، ادارن کي اليڪشن کان پري رهڻو پوندو، پاڪستان ۾ هن وقت ڪا حڪومت ناهي.
لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي ڪهڙو حق آهي ته اها حڪومت ڪري، اسٽيبلشمينٽ کي حق ناهي ته اسان جي ووٽ سان کيڏي، چونڊون آئين موجب ٿيڻ گهرجن، مسئلي جو اصل بنياد ووٽ جي چوري آهي.
هن چيو ڪو سياسي ڪارڪن مارجي ويو ته اهو به اسان جي ملڪ جو نقصان آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن جي شهادت به اسان جو نقصان آهي، ايڏن وڏن انتظامن باوجود پي ٽي آءِ وارا ڊي چوڪ ڪيئن پهتا؟ پاڪستان ۾ هن وقت ڪا حڪومت ناهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت هر صورت ۾ عمران خان کي جيل ۾ رکندي ۽ هو هر صورت ۾ نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته صورتحال خراب ٿيندي، سياسي ڪارڪنن جا جذبا سچا هوندا آهن، قيادت کي کين درست هدايتون ڏيڻ گهرجن، پي ٽي آءِ وارا رابطي ۾ رهيا ته انهن لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.