انوکو استعمال! المونيئم فوئل جا صحت لاءِ به حيران ڪندڙ فائدا

هونئن ته المونيئم فوئل جو استعمال مختلف شين ۾ ٿيندو آهي پر عام طور تي اوهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن به کاڌي يا مڪمل ڊش کي محفوظ ڪرڻ لاءِ المونيئم فوئل جو استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو گهڻي قدر صفائي سٿرائي جو خيال ڪندڙ هوٽلن تي عام نظر اچي ٿو، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ان المونيئم فوئل جا صحت لاءِ به ڪيترائي فائدا آهن؟

ٿَڌ جو اثر

سخت سياري جي ڏينهن ۾ ڪيترائي ماڻهو جسم جي ڏڪڻي سميت نزلي ۽ زڪام ۾ وٺجي ويندا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو سيءَ برداشت ڪرڻ جهڙا ناهن هوندا ۽ انهن کي ٿَڌ لڳي ويندي آهي، پر اهڙي ماڻهن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي رڳو المونيم فوئل جو استعمال ڪري پريشانيءَ کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ٿَڌ کان پريشان ماڻهو پنهنجي پيرن کي المونيئم فوئل جي ٽي کان چار تهن سان ويڙهي ڇڏين، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ تائين پيرن تي المونيئم فوئل رهڻ ڏنو وڃي انکانپوءِ هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين اهو تهه هٽائي پيرن کي هوا ۾ کليل ڇڏيو وڃي، هڪ ڀيرو ٻيهر انهن کي ساڳئي ئي المونيئم فوئل سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ تائين ويڙهي رکجي، اهڙو عمل هر روز صبح ۽ شام جو ڪرڻ سان رڳو ٻن راتين ۾ ئي اوهان جي سخت ٿڌ مان جند ڇُٽي ويندي ۽ حيران ڪندڙ تبديلي محسوس ٿيندي.

سُور

سنڌَن ۾ سور به اڄڪلهه ننڍن توڙي وڏي عمر جي ماڻهن جو عام مسئلو بڻبو پيو وڃي، جيڪڏهن جوڙن جي سور واري هنڌ تي المونيئم جا ورق يا پَنا ويڙهجن سنڌَن جي سور گهٽ ڪرڻ ۾ به وڏي مدد ملندي. جوڙن جي هنڌ تي المونيئم ورق جو ٽڪرو رکي پَٽي به ٻڌي سگهجي ٿي، رات جو سمهڻ وقت اهو عمل رڳو هڪ هفتي تائين ورجائجي ته جوڙن جي سور ۾ وڏو فائدو ٿيندو.

ٿڪاوٽ

جسماني ڪم ڪار گهٽجڻ جي ڪري اڄڪلهه سستي به تمام گهڻي وڌي وئي آهي، جيڪڏهن توهان ڪهڙي ڪم ڪار يا سڄي ڏينهن جي ڀڄ ڊُڪ جي ڪري ٿڪاوٽ جو شڪار بڻجي ويا آهيو تڏهن به المونيئم فوئل توهان جي لاءِ وڏو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.ان لاءِ توهان کي المونيئم فوئل جا ٽي يا چار ٽُڪرا کڻي فرج ۾ رکو، ٿڌا ٿي وڃڻ تي اهي ٽڪرا پنهنجي مُنهن خاص ڪري اکين ۽ ڳٽن تي رَکو ۽ سُڪون سان سمهي رهو، ٿوري ئي دير ۾ توهان المونيئم شيٽس جي اثر کي محسوس ڪندا ۽ جيئن ئي اوهان جو مُنهن ٿَڌو ٿيندو ته اوهان جي جسماني ٿڪاوٽ گهٽجڻ شروع ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.