اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي اسان کي سوچڻو ۽ فيصلو ڪرڻو آهي ته لانگ مارچ ۽ ڌرڻا هڻون يا ترقي لاءِ ڪم ڪيون.
نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي ترقي قومي يڪجهتي ۽ سياسي اتحاد دهشتگردي جي خاتمي سان جڙيل آهي، ان کانسواءِ ڪا چوائس ناهي.
هن چيو ته ڇا ڌرڻا پاڪستان جي مفاد ۾ آهن؟ اسان کي ويهي سوچڻو پوندو ۽ فيصلو ڪرڻو آهي ته لانگ مارچ ۽ ڌرڻا هڻون يا ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪيون.
سندس چوڻ هو ته سڀئي گڏجي ڪم ڪنداسين ته ملڪ اڳتي وڌندو، دعا آهي ته هي ملڪي تاريخ جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هجي.
Next Post
You might also like