جلسن جلوسن سان قيدي آزاد ناهن ٿيندا: فيصل ڪريم ڪنڊي

 

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبائي حڪومت جو فوڪس رڳو جلسن ۽ جلسون تي آهي، قيدي ائين آزاد ناهن ٿيندا.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي جو ڳنڀير مسئلو لا اينڊ آرڊر آهي ۽ صوبائي حڪومت امن امان جي حوالي سان مڪمل طور ناڪام آهي، حڪومت جو فوڪس رڳو جلسن ۽ جلوسن تي آهي ۽ ائين جو خيال آهي ته ائين سندن باني آزاد ٿي يوندو، جلسن جلوسن سان قيدي آزاد ناهن ٿيندا.
هن چيو ته ڪي پي جا وسيلا احتجاج ۽ جلسن ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، صوبائي حڪومت جي ماتحت ادارن ۾ پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن، دليلن سان وفاق کان پئسا گهرو، بدمعاشي سان صوبي کي ڪجهه نه ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.