ڀارتي ٽيم کي پاڪستان اچڻ گهرجي ها: نواز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته ڀارتي ٽيم کي پاڪستان اچڻ گهرجي ها، ڀارت سان ماضي جا لاڳاپا سڌارڻ جي ضرورت آهي.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو سٺو ٿئي ها جو ڀارتي ٽيم پاڪستان اچي کيڏي ها، اميد ته جلد اهڙو وقت ايندو.
هن چيو ڀارت سان ماضي ۾ جيڪڏهن لاڳاپا بگڙيا آهن ته اهي سڌارڻ جي ضرورت آهي، اسان ڪنهن سان لاڳاپا خراب رکي ڇا ڪنداسين؟
سندس چوڻ هو ته ڀارت سان لاڳاپا سڌاري سگهجن ٿا، مون کي ڪا ڏکيائي نظر نه پئي اچي، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا سٺا رهيا آهن ۽ رهڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.