اتر ڪوريا روس سان تاريخي دفاعي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريائي سربراهه ڪم جونگ ان هڪ حڪم نامي ذريعي ڪريملن سان معاهدي جي منظوري ڏني آهي.
معاهدي تحت سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندي ٻئي ملڪ ڪنهن به ڌر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪري سگهندا.
واضح رهي ته روس اڳ ئي گذريل هفتي ان معاهدي جي منظوري ڏئي چڪو آهي.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي معاهدي تي جون ۾ صحيحون ٿيون هيون.
Prev Post
Next Post
You might also like