سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 7 هزار رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 70 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 6 هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 31 هزار 911 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 77 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 593 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.