پارليامينٽ اربن جا ڪرپشن ڪيس ختم ڪري ڇڏيا، بنا ڏندن وارو نيب به انجواءِ ڪري: جسٽس محسن اختر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني نيب جي اختيارن جي دائري بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ته بنا ڏندن وارو نيب به انجواءِ ڪري ۽ ماڻهو به.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڱاري ڏينهن هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته نيب ڪرپشن ڪيس جي انڪوائري شروع ڪرڻ کان اڳ ڏسي وٺي ته هاڻ جاچ ڪري به سگهي ٿو يا نه؟
هن چيو ته پارليامينٽ اربين رپين جا ڪرپشن ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن پارليامينٽ کي هوش ايندو ته گهڻي دير ٿي ويندي.
هاءِ ڪورٽ جي جج چيو ته بنا ڏندن وارو نيب به انجواءِ ڪري ۽ ماڻهو به، هڪ سئو کان وڌيڪ وڏا ڪرپشن ڪيس ختم ٿي چڪا آهن، ڪرپشن ڪيسن جا جوابدار ٻاهرئين ملڪ به هليا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.