اتر ڪوريا جو ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو

اتر ڪوريا طرفان ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا جي پاڙيسري ملڪن ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان بيلسٽڪ ميزائل تجربن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف طرفان جاري ڪيل بيان موجب اتر ڪوريا اوڀر سمنڊ ۾ ڪيترائي گهٽ فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، ان کانپوءِ اسان علائقي جي نگراني سخت ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان آمريڪا ۽ جاپان کي آگاهه ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.