ڪراچي شهر ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هن سال سنڌ حڪومت کان 10 ارب رپيا وٺنداسين ته جيئن پاڙن ۽ گهٽين ۾ ڪم ٿي سگهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي، يوسين کي فنڊن جي مد ۾ ماهوار 12 لک رپيا ڏنا پيا وڃن.
هن چيو ته هڪ سال ۾ سنڌ حڪومت ساڍا 4 ارب ترقياتي پروگرام جي مد ۾ ڪي ايم سي کي ڏنا آهن، اسان جو هدف بلديه عظميٰ ڪراچي کي مالي طور پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.