اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ ايف سي جي گاڏي تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ٻه سپاهي شهيد ۽ چار زخمي ٿي پيا.
گهرو وزارت جي ترجمان موجب شهيد سپاهي شير الرحمان ۽ سيد امين دهشتگردن سان بهادري سان مقابلو ڪيو، شهيد شير الرحمان جو واسطو وزيرستان ۽ شهيد سيد امين جو واسطو صوابي سان آهي.
ان کانسواءِ زخمين ۾ حوالدار امتياز، سپاهي محب شاهه، سپاهي صاحب دين ۽ سپاهي فضل ڪريم شامل آهن.
You might also like