گدلاڻ تي ضابطي جي ڪوشش، لاهور ۾ ”گرين لاڪ ڊائون“ هنيو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ وڌندڙ سموگ ۽ فضائي گدلاڻ تي ضابطي لاءِ پنجاب حڪومت صوبائي تخت گاهه ۾ گرين لاڪ ڊائون هڻي ڇڏيو.
پنجاب جي ماحوليات کاتي شهر ۾ گرين لاڪ ڊائون لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن تحت لاهور جي هاٽ اسپاٽ قرار ڏنل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن تي مڪمل طور پابندي هوندي، ان کانسواءِ انهن علائقن ۾ ڪمرشل ڪنريٽرز نه هلايا ويندا.
گرين لاڪ ڊائون تحت انهن علائقن ۾ چنگ چي رڪشن جي داخلا سختي سان بند رهندي، انهن علائقن ۾ کليل هنڌن تي باربي ڪيو ٺاهڻ تي رات 8 وڳي کانپوءِ پابندي هوندي.
ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاهور جي ڊيوس روڊ، ايجرٽن روڊ، ڪشمير روڊ، شملا پهاڙي کان گلشن سينما ۽ ايبٽ روڊ هاٽ اسپاٽ ايرياز ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ شملا پهاڙي کان ريلوي اسٽيشن ۽ ايمپريس روڊ به هاٽ اسپاٽ ايريا قرار ڏنا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ ڪوئن ميري روڊ ۽ ان جي ڀرپاسي کي به گدلاڻ وارن علائقن ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ انهن ۾ به گرين لاڪ ڊائون تحت تجويز ڪيل قدم کنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.