سنڌ ۾ پهرين نومبر تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پهرين نومبر تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هندو برادري ڏياري جو ڏڻ پهرين نومبر تي ملهائيندي، ان سلسلي ۾ موڪل ڪئي وئي.

سنڌ حڪومت هندو برادري جي ملازمن ۽ مزدورن لاءِ عام موڪل جو اعلان ڪندي ايڊوانس پگهار به جاري ڪندي آهي.

سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن ڪو آرڊينيشن کاتي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جمعي تي هندو برادري موڪل ڪندي، موڪل سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ به هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.