اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آئيني ترميم سان جسٽس منصور جو رستو رُڪيو پر ان ۾ حڪومت جو عمل دخل گهٽ ۽ پي ٽي آءِ جو وڌيڪ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ اهڙو ڏڦيڙي ٽولو آهي، جيڪو ڪنهن جي حمايت ڪري ته ان جو به نقصان ٿي وڃي.
هن چيو ته جسٽس منصور تمام سٺو جج آهي پر ان بابت پي ٽي آءِ وارا چوندا رهيا ته اسان جي ڳالهه ٿي وئي آهي، آڪٽوبر ۾ جسٽس منصور اچي رهيو آهي، اهو اچي حڪومت جو بندوبست ڪندو، اهڙيون ڳالهيون ڪنهن جي به ساک کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون.
You might also like