بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم” رئيس “ جي هدايتڪار راهول ڍولڪيا انڪشاف ڪيو آهي ته ڪرينا ڪپور، دپيڪا پاڊڪون ۽ انوشڪا شرما مهانگيون اداڪارائون هيون،انڪري ماهرا خان کي ڪاسٽ ڪيو ويو.
هڪ انٽرويوءَ دوران هدايتڪار راهول ڍولڪيا فلم ” رئيس“ ۾ شاهه رخ خان جي هيروئن طورماهرا خان کي ڪاسٽ ڪرڻ واري معاملي تي تفصيلي ڳالهايو آهي.
هدايتڪار موجب، فلم ۾ ” آسيه “ جو ڪردار 1980ع جي هڪ مسلمان ناري جو هو، جنهن لاءِ ضروري هو ته اهڙي اداڪارا کي ڪاسٽ ڪيو وڃي، جنهن جي هندي سٺي هجي، جنهن کي اردو به اچڻ گهرجي.
راهول ڍولڪيا موجب، اهڙي قسم جي ڪردار لاءِ اِهو به ضروري هو ته اداڪارا جي عمر گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه ورهيه هجي.
هن چيو ته ان وقت اهڙي ڪردار لاءِ ڀارت جون ڪجهه اداڪارائون ئي بهتر آپشن هيون، جن ۾ ڪرينا ڪپور، دپيڪا پاڊڪون ۽ انوشڪا شرما جهڙيون اداڪارائون شامل هيون.
فلمساز چيو ته ان سلسلي ۾ مٿي ڄاڻايل ٽنهي اداڪارائن کانسواءِ ڪترينا ڪيف ۽ سونم ڪپور بابت پڻ سوچيو پر معاملا طئي نه ٿي سگهيا ۽ نيٺ ماهرا خان کي ڪاسٽ ڪيو ويو.
راهول ڍولڪيا رئيس ۾ ڪرينا ڪپور، انوشڪا شرما ۽ دپيڪا پاڊڪون کي ڪاسٽ نه ڪرڻ جو سبب سندن مهانگو هجڻ ڄاڻايو آهي.
ان سان گڏوگڏ هن اِهو به اعتراف ڪيو ته رئيس ۾ هيروئن جو ڪردار به مختصر هو جيڪو ڪرينا، دپيڪا ۽ انوشڪا لاءِ بهتر نه هو.
هن چيو ته تن ڏينهن ۾ ماهرا خان ڀارت ۾ هڪ پروموشن لاءِ آيل هئي ۽ ڪنهن دوست ذريعي سندس آڊيشن، ائين رئيس ۾ آسيه جي ڪردار لاءِ ماهرا خان کي فائنل ڪيو ويو.
فلمساز هڪ ٻيو دلچسپ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته سندس امڙ ۽ شاهه رخ خان جي سس به ماهرا خان جا ڊراما ڏسي رهيون هيون، انهن به اداڪارا کي ڪاسٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.
سندس چوڻ هوته هن ۽ گوري خان جي امڙ چيو ته ماهرا سٺي ڇوڪري آهي، کيس ڪاسٽ ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ ماهرا خان کي شاهه رخ خان جي هيروئن طور ڪاسٽ ڪيو.
ياد رهي ته ” رئيس“ سال 2016ع ۾ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ ماهرا خان شاهه رخ خان جي گهرواري جو ڪردار ادا ڪيو هو.
اِها ماهرا خان جي هنيئر تائين بالي ووڊ جي واحد فلم آهي، سندس ” آسيه “ واري ڪردار کي ٻنهي ملڪن ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو هو.
Prev Post
Next Post
You might also like