حڪومت جو وڏو فيصلو، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪهڙيون ملازمتون ختم ٿينديون؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ ڏينهن ۾ ڪهڙيون ملازمتون ختم ٿينديون؟ ان حوالي سان اهم خبر اچي وئي.
حڪومتي رائٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو، ذريعن موجب حڪومت نائب قاصد، سيڪيورٽي گارڊ، مالي ۽ خاڪروب جون جايون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽري ورڪرز، ريڪارڊ سارٽر، ڪارپينٽر، اليڪٽريشن، پلمبر جون جايون به ختم ڪيون وينديون ۽ انهن جاين لاءِ نئين ڀرتي تي پابندي هوندي.
ان حوالي سان وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سڀني وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن حڪم جاري ڪيا.
ذريعن موجب وزارتن ۽ ڊويزنز کي نين جاين جي تخليق لاءِ رابطو ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ادارن ۾ ڪليننگ، پلمبنگ ۽ گارڊننگ جو شعبو آئوٽ سورس ڪيو ويندو، مستقبل ۾ وزارتون، ڊويزنز ۽ ادارا اهڙيون ڀرتيون نه ڪندا.
وزارتن، ڊويزنز، ادارن ۾ خالي جاين کي ڊائينگ پوسٽس تصور ڪيو ويندو، جنرل ڪامن ۽ نان ڪور سورسز کي آئوٽ سورسنگ ذريعي مينيج ڪيو ويندو، فيصلا حڪومتي رائٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارشن تحت ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.