ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ناليواري پروڊيوسر سليم خان چيو آهي ته پنهنجو پٽ سلمان خان ڀارتي گينگسٽر گروپ لارنس بشنوئي کان معافي نه گهرندو.
هڪ انٽرويو ۾ سليم خان چيو ته سلمان خان جانورن سان محبت ڪندو آهي، هن ڪڏهن ڪاري هرڻ جو شڪار ناهي ڪيو.
هن چيو ته بشنوئي گينگ طرفان رقم جو مطالبو ڀتي خوري آهي ۽ منهنجو پٽ ڪنهن کان معافي نه گهرندو.
واضح رهي ته بشنوئي گينگ سلمان خان سان پراڻي دشمني ختم ڪرڻ لاءِ ڳري رقم جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جي عدم ادائيگي تي کيس قتل جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
Prev Post
You might also like