سيپڪو گهوٽڪي پاران بجلي چوري ۽ رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف آپريشن جو اعلان

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) سيپڪو گهوٽڪي طرفان بجلي چوري ۽ رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف آپريشن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سيپڪو آپريشن ڊويزن گهوٽڪي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته منسٽري آف پاور ڊويزن جي هدايتن تي بجلي چوري ۽ رهتن خلاف آپريشن جاري آهي، جيڪو ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي پڻ جاري رهندو.
بيان ۾ واهپيدارن کي چيو ويو آهي ته اهي جلد کان جلد پنهنجون رهتون ادا ڪن جيئن سندن ڪنيڪشن نه ڪاٽيو وڃي، جڏهن به بجلي چور پڻ پنهنجو ميٽر ڪنيڪشن هڻائين ۽ قانوني ڪارروائي کان بچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.