حادثي جو شڪار ٽينڪر مان وهندڙ پيٽرول گڏ ڪرڻ دوران باهه ڀڙڪي پئي، 147 ڄڻا فوت

ابوجا (ويب ڊيسڪ) اولهه آفريقي ملڪ نائجيريا ۾ پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر اونڌو ٿيڻ کانپوءِ باهه لڳڻ سبب 147 ڄڻا فوت ۽ 50 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب حادثو نائجيريا جي اتر رياست جيگوا ۾ پيش آيو.
مقامي پوليس ۽ ريسڪيو سروسز موجب ڊرائيور طرفان ٽينڪر جو ڪنٽرول وڃائڻ کانپوءِ ٽينڪر اونڌو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽينڪر ۾ ڀريل پيٽرول وهي ويو ۽ ان ۾ باهه لڳي وئي.
مقامي پوليس ترجمان ٻڌايو ته ٽينڪر نائجيريا جي شهر ڪانو کان يوبي رياست ڏانهن وڃي رهيو هو، حادثي کانپوءِ اتي موجود ماڻهن ٽينڪر مان وهندڙ پيٽرول گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پيٽرول جمع ڪرڻ جي ڪوشش دوران باهه ڀڙڪي پئي، جنهن سبب وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.