اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تجويز ڪيل 26هين آئيني ترميم پيش ڪرڻ لاءِ وفاقي ڪابينا، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو.
ذريعن موجب خميس 17 آڪٽوبر تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم جي منظوري جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني ترميم تي پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس 17 بدران سڀاڻي 16 آڪٽوبر تي ٿيندو.
صدر آصف علي زرداري کي قومي اسيمبلي جو اجلاس 17 آڪٽوبر جي شام 4 وڳي ۽ سينيٽ اجلاس شام 5 وڳي گهرائڻ جون سمريون موڪليون ويون آهن.
Prev Post
You might also like