اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف خاص ڪميٽي جي 7 گڏجاڻين ۾ هڪ به سفارش پيش نه ڪئي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته تجويز ڪيل آئيني ترميم جي مخالفت ڪندڙ هڪ به اهڙي شق جي نشاندهي نه پيا ڪن، جيڪا ڪنهن بنيادي، انساني حق، عوامي مفاد، آئين جي روح يا عدليا جي آزادي جي خلاف هجي.
هن چيو ته 26هين آئيني ترميم جي معاملي کي رڳو ڌڙابند سياست جي اک سان ڏٺو پيو وڃي، جڏهن ته خاص ڪميٽي جي 7 گڏجاڻين ۾ تحريڪ انصاف هڪ به سفارش يا تجويز پيش ناهي ڪئي.
سندس چوڻ هو شايد ماڻهو نٿا چاهين ته جيلن ۾ پيل هزارين قيدين جون ڏکيائيون گهٽجن ۽ پارليامينٽ کي اهو مقام ملي، جيڪو ڪنهن به جمهوري پارلياماني نظام جي بنيادي گهرج آهي.
Next Post
You might also like