اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايس سي او علائقائي سهڪار بابت اهم فورم آهي ۽ هيءَ سمٽ پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان اهم ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ايس سي او ڪانفرنس ۾ علائقائي چئلنجن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جنهن سان عوامي رابطن کي هٿي ۾ مدد ملندي.
هن چيو ته ايس سي او ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻن جي آمد سٺو سنئوڻ آهي ۽ پاڪستان ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان عالمي سطح تي اڀري رهيو آهي ۽ دنيا ڄاڻي ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like