اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان سان فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ ۾ آئيني عدالت جي قيام جي اصولي طور حمايت ڪئي وئي.
سينيٽر شيري رحمان سان ملاقات ۾ فافن جي وفد اصولي طور تي پ پ سان آئيني عدالت جي قيام تي اتفاق ڪيو.
فافن جي وفد ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر راشد چوڌري، صلاح الدين ۽ جوبلي بانو به شامل هئي، سينيٽر شيري رحمان وفد کي وفاقي آئيني عدالت جي معاملي تي مسودي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، فافن اصولي طور تي پ پ سان آئين عدالت جي قيام تي اتفاق ڪندي پنهنجون تجويزون به پيش ڪيون.
Next Post
You might also like