پي ايس ايل ۾ پاڪستاني رانديگر ڇا ڪندا هئا؟ پيٽرسن پول پڌرا ڪري ڇڏيا

اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن چيو آهي ته سسٽم ۾ خامين جي موجودگي تائين پاڪستان ٽيم هڪ يونٽ جيان نٿي کيڏي سگهي، ناقص ٽريننگ جي طريقي ڪار ۽ گهڻي جذباتي رويي کي سٺو ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو تبديل نه ڪيو ويو ته پاڪستان ٽيم ڪڏهن بهتر نه ٿي سگهندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ مڪي آرٿر جي سوشل ميڊيا تي ڏنل بيان تي ردعمل ۾ ڪيون پيٽرسن چيو ته پي ايس ايل ۾ رانديگر صحيح ٽريننگ نه ڪندا هئا، ڪاميابي ۽ ناڪامي جي حوالي سان وڌيڪ جذباتي ٿي ويندا هئا.
هن چيو ته رانديگرن جو ميدان کان ٻاهر تسلسل ناهي، تنهن ڪري ميدان ۾ تسلسل جي اميد ڪيئن ٿي ڪري سگهجي پر ان ڳالهه مان متفق آهيان ته پاڪستاني رانديگرن ۾ وڏو ٽئلينٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته سسٽم ۾ خامين جي موجودگي تائين پاڪستان ٽيم هڪ يونٽ جيان نٿي کيڏي سگهي، ناقص ٽريننگ جي طريقي ۽ گهڻي جذباتي رويي کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو ڪلچر تبديل نه ڪيو ويو ته پاڪستان ٽيم ڪڏهن بهتر نه ٿي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.