علي امين کي 23 آڪٽوبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد هٿيار ۽ شراب برآمدگي ڪيس ۾ عدم پيشي تي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ برقرار رکندي کيس 23 آڪٽوبر تائين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جڊيشل مئجسٽريٽ مبشر حسن جي عدالت ۾ علي امين گنڊاپور جو وڪيل ظهور الحسن پيش ٿيو، ان موقعي تي علي امين گنڊاپور جي گذريل گرفتاري وارنٽ جي بيلف رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب علي امين گنڊاپور جي گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو.
گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد لاءِ وڌيڪ مهلت جي اپيل ڪئي وئي.
عدالت طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا ۽ علي امين کي 23 آڪٽوبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
واضح رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف بارا ڪهو ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.