پي ٽي آءِ جو احتجاج جو سڏ، خواجا آصف وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ طرفان 15 آڪٽوبر تي احتجاج جي سڏ تي ردعمل ۾ چيو آهي ته وفاق تي ڪاهه روڪڻ لاءِ رياست ڀرپور طاقت استعمال ڪندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته هي اسلام دشمن قوتن جا ايجنٽ آهن، توهان ڏسو انهن ڪڏهن به دهشتگردي جي مذمت ناهي ڪئي، انهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ هزارن جي انگ ۾ دهشتگردن کي ملڪ آندو.
هن چيو ته عمران خان کي نه ملڪ جي ڳڻتي آهي نه ملڪي ترقي سان ان جو ڪو واسطو آهي، اهي ملڪي ترقي جو رستو روڪڻ چاهين ٿا، انهن جي ذهن ۾ اهڙي پاڪستان جو ڪو وجود ناهي، جنهن ۾ عمران خان حڪمران نه هجي، جيئن شاندانه گلزار چيو هو ته خان ناهي ته پاڪستان ناهي.
سندس چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن اقتدار ۾ انهن جي مدد ڪري، انهن کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري ته چوندا آرمي چيف اسان جو پيءُ هوندو ۽ ڪو فوج خلاف ڳالهائي ته ان بابت مختلف قسمن جون ڳالهيون ڪيون وينديون پر پي ٽي آءِ باني پاڻ جيل مان آرمي چيف ۽ فوج خلاف ٽوئيٽ ڪيو آهي، اهڙو ڪهڙو شخص آهي، جنهن جا ڪيترائي چهرا آهن.
خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ 15 آڪٽوبر تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، اهي پوءِ به احتجاج ڪري پئي سگهيا، 15 آڪٽوبر تي احتجاج جو سڏ ملڪي سلامتي تي حملو آهي، اسلام آباد تي ڪاهه روڪڻ لاءِ رياست ڀرپور طاقت ۽ وسيلا استعمال ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.