اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ پيٽروليم ڊيلرز جو منافعو وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب اوگرا پيٽرول ۽ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو في ليٽر منافعو 1 هڪ 35 پئسا وڌائڻ جي منظوري ڏني آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سان گڏ اوگرا پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جو منافعو هڪ رپيو 40 پئسا في ليٽر وڌائڻ جي منظوري ڏني آهي.
ذريعن موجب واڌ کانپوءِ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو پيٽرول ۽ ڊيزل تي في ليٽر منافعو 9 رپيا 22 پئسا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙي ريت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جو منافعو واڌ کانپوءِ 40 رپيا 4 پئسا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ منافعو لاڳو ٿي ويندو، ان ڳالهه جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي ته واڌ هڪ ئي وقت ڪرڻي آهي يا مرحلي وار.
Prev Post
You might also like