تجويز ڪيل 26هين آئيني ترميم جي سلسلي ۾ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تجويز ڪيل 26هين آئيني ترميم جي سلسلي ۾ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميمن جي مسودي تي حتمي مشاورت ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ سميت ٻين جماعتن جا نمائندا شرڪت ڪندا.
بلاول ڀٽو زرداري طرفان اسد قيصر ۽ عامر ڊوگر کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اهو پنجون ان ڪئميرا اجلاس آهي.
ذريعن موجب ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو، جڏهن ته بئرسٽر گوهر ۽ عمر ايوب جي شرڪت جو به امڪان آهي.
واضح رهي ته ن ليگ ۽ پ پ آئيني ترميمي مسودي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.